جوهي (ن سنڌيار)سماجي تنظيم ٿرديپ خلاف ڪاڇي جي ٻوڏ متاثرن جو احتجاجي مظاهرو ، ڪاڇي جي يوسي ساوڙو جي مختلف ڳوٺن جي رهواسين جاڙو خان پيارو خان, رحمت الله, مصري خان, عبدالڪريم رودناڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جوهي پريس ڪلب اڳيان جوهي دادو روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو, ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سماجي تنظيم ٿرديپ رورل ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن ڪاڇي جي يوسي ساوڙو جي مختلف ڳوٺن گولو فقير, ڌنو جي ٽڪري, ٺل, فريد رودناڻي سميت ڏھ ڳوٺن جي رهواسين کي نظر انداز ڪري ڪميشن عيوض من پسند ڳوٺاڻن کي ڪچا گهر, کاڌي پيتي سميت ٻيو سامان ڏنو پيو وڃي هنن وڌيڪ چيو آهي ته ٿرديپ انتظاميا وارا مستحق ڳوٺاڻن کي نظر انداز ڪري رهيا آهن. هنن ڊي سي دادو ۽ وس وارن کي اپيل ڪندي چيو آهي ته ٿرديپ انتظاميا خلاف ڪاروائي ڪري مستحق ڳوٺاڻن سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.










