بينڪاڪ (ويب ڊيسڪ)ٿائلينڊ ۾ ڪورونا کان متاثر 6 مهينن جي ٻارڙي جي اکين جو رنگ علاج دوران تبديل ٿي ويو.پرڏيهي ميڊيا موجب سائڊ ايفيڪٽ سبب ٻار جون ڳريون اکيون نيريون ٿي ويون.رپورٽن مطابق ٻارڙي ۾ مسلسل هڪ ڏينهن بخار ۽ کنگهه ٿيڻ کانپوءِ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي هئي، جنهن بعد عام دوا سان علاج شروع ڪيو ويو جيڪو 3 ڏينهن تائين جاري رهيو.پرڏيهي ميڊيا موجب ان دوا جي استعمال سان ٻار ۾ ڪورونا جون علامتون غائب ٿي ويون پر سندس ماءُ ڏٺو ته علاج شروع ٿيڻ جي 18 ڪلاڪن کانپوءِ ٻار جي اکين جو رنگ تبديل ٿيڻ شروع ٿي ويو، جنهن کانپوءِ ڊاڪٽر دوا ڏيڻ بند ڪري ڇڏي. استعمال ڪندي.رپورٽن مطابق ڊاڪٽر پاران 5 ڏينهن بعد دوا استعمال ڪرڻ بند ڪرڻ بعد ٻار جي اکين جو رنگ نارمل ٿي ويو.
