اسلام آباد (بيورو رپورٽ)آءِ ايم ايف سان معاشي جائزي جي ڳالهين دوران، پاڪستان ريئل اسٽيٽ، ملڪيت، مشروبات ۽ تمباکو جي شعبن کي رليف فراهم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف جي منظوري سان انهن شعبن تي ٽيڪس جو بار گهٽجي ويندو. ايندڙ بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي تي به ٽيڪس جو بار گهٽائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پرچون سميت مختلف شعبن مان 250 ارب رپيا ٽيڪس گڏ ڪرڻ جو منصوبو آهي. ٽيڪس انتظامي قدمن ذريعي گڏ ڪيا ويندا جن ۾ واپاري دوست اسڪيم ۽ تعميل جي خطري جو انتظام شامل آهي.انهن سڀني قدمن جي آخري منظوري آءِ ايم ايف کان ورتي ويندي. ٻئي طرف توانائي جي شعبي ۾ گردشي قرض گهٽائڻ لاءِ آءِ ايم ايف سان به ڳالهيون ٿيون آهن. آءِ ايم ايف کي بريفنگ ڏني وئي آهي ته گردشي قرضن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪمرشل بينڪن کان 10.8 سيڪڙو جي شرح سود تي 1250 ارب رپين جو قرض ورتو ويندو، بريفنگ ۾ چيو ويو ته هڪ معاهدو ٿي چڪو آهي، ذريعن موجب، آءِ ايم ايف مشن کي ايف بي آر سڌارن ۽ ري اسٽرڪچرنگ بابت به بريفنگ ڏني وئي آهي. چيئرمين ايف بي آر جي اڳواڻي ۾ ٽيڪس عملدارن آءِ ايم ايف کي ري اسٽرڪچرنگ بابت بريفنگ ڏني،ذريعن جو چوڻ آهي ته بين الاقوامي تنظيمن جي مدد سان جاري ڊجيٽلائيزيشن ۽ ڊيٽا انٽيگريشن جي عملدرآمد تي بحث ڪيو ويو، انهي سان گڏ ان جي استعمال ۽ مڪمل ٿيڻ جي مدت تي به بحث ڪيو ويو، ايندڙ مالي سال جي ڊيٽا استعمال ڪندي ٽيڪس چوري کي روڪڻ لاءِ نون قانونن تي پڻ بريفنگ ڏني وئي، ذريعن موجب آءِ ايم ايف مشن بريفنگ تي پنهنجي راءِ بعد ۾ ڏيڻ لاءِ چيو آهي.










