اسلام آباد( رپورٽ الله وسايو گهوٽو) اپوزيشن جي 11 جماعتي اتحاد پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس ۾ پارليامينٽ تان استعيفائن واري سوال تي 6 ڪلاڪن جي بحث بعد ڪو به فيصلو نه ٿي سگهيو ۽ بظاهراختلاف برقرار آهن، پيپلز پارٽي غور لاءِ مهلت طلب ڪئي جيڪا کين ڏني وئي. ڊگهي اجلاس بعد مولانا فضل الرحمان بريفنگ م چيو ته 9 جماعتون لانگ مارچ کان اڳ استعيفيٰ جي فيصلي جون حامي آهن. هن چيو ته پي پي جي مهلت سبب 26 مارچ وارو لانگ مارچ ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪريان ٿو. جنهن بعد هو بنا ڪنهن سوال جو جواب ڏيڻ جي هليو ويو. ياد رهي ته پيپلز پارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي استعيفائن جون مخالف آهن. سنڌ م پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي ۽ بلوچستان ۾ اي اين پي حڪومت جي اتحادي آهي. بعد ۾ مريم نواز يوسف رضا گيلاني سميت ٻين اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. مريم نواز چيو ته نواز شريف جي طبيعت ٺيڪ ناهي هن کي پاڪستان ۾ گهرائي سندس دشمنن کي قتل لاءِ حوالي ڪرڻ برابر آهي. هن بهادري سان جيل ڪاٽيو، مان مسلم ليگ (ن) نواز شريف جي نمائندي طور موجود آهيان جنهن کي نواز شريف سان ڳالهائڻو آهي اهو مون سان ڳالهائي. هڪ سوال تي يوسف رضا گيلاني چيو ته استعيفيٰ نه ڏيڻ جو فيصلو سي اِي سي ڪيو هو اسانکي انهن سان صلاح ڪرڻي آهي. يوسف رضا گيلاني اجلاس گهرائڻ جو وقت ته نه ڏنو پر امڪان آهي ته عيد تائين اجلاس شايد منعقد نه ٿئي. اجلاس ۾ ميان نواز شريف، آصف علي زرادري ۽ بلاول ڀٽو زرداري ويڊيو لنڪ تي شريڪ ٿيا. سردار اختر مينگل ۽ اي اين پي جو سربراهه سربراهي اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيا.










