پي ڊي ايم جي ڪارڪردگي تي پي ٽي آءِ پاران وائيٽ پيپر جاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ مومينٽ (پي ڊي ايم) جي اتحادي حڪومت جي ڪارڪردگي تي وائيٽ پيپر جاري ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ ترجمان موجب پي ڊي ايم 16 مهينن ۾ بهتر ڪم ڪندڙ معيشت کي تباهي جي ڪناري تي پهچايو. پي ڊي ايم حڪومت 16 مهينن ۾ پرڏيهي قرضن ۾ تقريبن 20 ٽريلين رپين جو اضافو ڪيو، مهانگائي قوت خريد کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ غربت جي شرح ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿيو، ان کان علاوه پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ بدترين گهٽتائي 122 جي لڳ ڀڳ ٿي وئي. جاري وائيٽ پيپر ۾ پي ٽي آءِ پنهنجي حڪومت جي ساڍي 3 سالن جي معاشي ڪارڪردگي جو جائزو به پيش ڪيو. پي ٽي آءِ ترجمان موجب 2018ع ۾ جڏهن پي ٽي آءِ حڪومت سنڀالي ته ملڪي معيشت بدترين بحران جو شڪار هئي. ن ليگ جي نااهلي جي ڪري ان کي 1.6 ٽريلين رپين جو گردشي قرض مليو، جڏهن ته پي ٽي آءِ کي 1.4 ٽريلين رپين تائين جي سالياني گنجائش جي ادائيگي ورثي ۾ ملي. پي ٽي آءِ جي وائيٽ پيپر ۾ چيو ويو آهي ته 2018ع ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 19.2 ارب ڊالر هو، پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا 9.4 ارب ڊالر هئا جڏهن ته پاڪستان کي پرڏيهي قرض جي ادائيگي لاءِ 32 ارب ڊالرن جي فوري فنڊنگ جي ضرورت هئي. ڪورونا جي باوجود زراعت، تعمير ۽ صنعت جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪئي وئي. پي ٽي آءِ ملڪ کي مهانگائي کان بچائيندي مهانگائي جي شرح 12.7 سيڪڙو تي رکي.جاري وائيٽ پيپر ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت جي ٽئين ۽ چوٿين سال ۾ 6 سيڪڙو جي شرح نمو حاصل ڪئي، 2007 کانپوءِ پي ٽي آءِ واحد حڪومت آهي جنهن مسلسل 2 سالن ۾ 6 سيڪڙو جي شرح سان ترقي ڪئي. 2022 ۾ زراعت جي ترقي جي شرح 4.4 سيڪڙو آهي جيڪا 2005 کان سڀ کان وڌيڪ آهي.پي ٽي آءِ جي 3.5 سالن جي حڪومت ۾ سراسري ترقي جي شرح 5.7 سيڪڙو هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو