پي ڊي ايم استعيفيٰ  متعلق فيصلو نٿي ڪري سگهي،فردوس عاشق

پي ڊي ايم استعيفيٰ متعلق فيصلو نٿي ڪري سگهي،فردوس عاشق

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار فردوس عاشق اعوان چيو آهي ته پاڪستان ڊيموڪريتڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) فيصلو نٿي ڪري سگهي ته استعيفيٰ وٺڻي آيا ڏيڻي آهي.فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پي ڊي ايم وارا ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن  حالانڪه بحرانن جا ذميوار اهي ئي مفاد پرست ۽ ڪرپٽ ماڻهو آهن. هن چيو ته ڪرپٽ تولو ٻڌي وٺي ته عمران خان 2023 تائين وزيراعظم رهندو.ياد رهي ته حڪومت مخالف اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جو اڄ هنگامي اجلاس گهرايو ويو آهي جنهن ۾ اسيمبلين مان استعيفائن بابت فيصلو ڪيو ويندو. پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس مسلم ليگ(ن) جي ميزباني ۾ ٿيندو اجلاس ۾ آئنده جي حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو