پي پي سنڌ دشمن قانون سازي پئي ڪري، پليجو

پي پي سنڌ دشمن قانون سازي پئي ڪري، پليجو

حيدرآباد (بيورو رپورٽ)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڪراچي مان پ پ پ جي ٽڪيٽ تي چونڊيل ايم اين اي قادر مندوخيل پاران پاڪستان سٽيزن ايڪٽ 1951 شق 17 ۾ ترميم آڻي پاڪستان جي ڪنھن بہ شھري کي ڪنھن بہ شھر ۾ صرف 6 مھينا رھڻ کانپوءِ اتي جو ڊوميسائيل ۽ پي آر سي جاري ڪرڻ بابت قومي اسيمبلي ۾ آندل بل جي مذمت ڪندي ان کي سنڌ دشمن سازش قرار ڏنو آھي. هن چيو تہ پيپلز پارٽي، ن ليگ، ايم ڪيو ايم سميت پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽيون سنڌ دشمن پاليسين تي ھلي رھيا آھن. پيپلز پارٽي رڳو اقتدار لاءِ ڪرپشن ڪيسن کان بچڻ لاءِ سنڌ دشمن منصوبن ۾ سھولتڪار بنجي رھي آھي. موجوده بل سنڌي ماڻھن کي اقليت م تبديل ڪري انھن جي وسيلن تي قابض ٿيڻ جي سازش آھي. ھن بل کان اڳ ۾ نون صوبن بابت ڪميٽي جي رٿا آندي وئي آھي. بل سنڌ دشمن آھن، انھن جي ڪنھن بہ ريت قبول نہ ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو