پي ٽي آءِ ۾ هزارين اختلاف آهن پر خان جي اندر رهڻ تي اتفاق آهي

پي ٽي آءِ ۾ هزارين اختلاف آهن پر خان جي اندر رهڻ تي اتفاق آهي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي سڀني گروپن ۾ هزارين اختلاف آهن، پر هڪ مسئلي تي مڪمل اتفاق آهي ته عمران خان کي اندر رهڻ گهرجي.سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ خواجه آصف چيو ته ڪي پي حڪومت عمران خان لاءِ فورس ٺاهيندي، پر دهشتگردن خلاف نه ڳالهائيندي، ڪي پي حڪومت شهيدن جي جنازن ۾ شرڪت ڪرڻ کان پاسو ڪندي.هن چيو ته پوليس جون شهادتون هر روز ٿي رهيون آهن ۽ ماڻهن کي جيئرو ساڙيو پيو وڃي، پر پي ٽي آءِ جو باني پهرين ۽ آخري ترجيح آهي، باقي سڀ ڪجهه بي معنيٰ ۽ بيڪار آهي.خواجه آصف چيو ته وڏي وزير جو نمبر صوبي کي بچائڻ لاءِ آهي، ملڪ جي سلامتي جي ڪا به اهميت ناهي، ٻاهر ويٺي يوٽيوبرز جو ڪاروبار وڌي رهيو آهي، جڏهن ته اندر ويٺي هڪ ٻئي کي گاليون ڏئي رهيا آهن.هن وڌيڪ چيو ته ڪهڙي قسم جي سياسي پارٽي آهي جنهن کي ڪو به نٿو ڄاڻي ته ان جا ڪيترا ٽڪرا آهن، هر ڪو چاهي ٿو ته هو اندر رهي، پي ٽي آءِ جي سڀني گروپن ۾ هزارين اختلاف آهن، پر هڪ مسئلي تي مڪمل اتفاق آهي ته عمران خان کي اندر رهڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو