ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ 4 سال اقتدار ۾ هئي ڪم ڪري ها ها ته ڪراچي جو نقشو بدلجي وڃي ها،ڪراچي جي لائنز ايريا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي گورنر چيو ته جيڪي مديني جي رياست جي ڳالهه ڪندا هئا، اهي اڄ گورنر هائوس ۾ اچي ڏسن،هن چيو ته اڄ گورنر هائوس عام ماڻهو لاءِ کليل آهي، ۽ شهرين جا مسئلا حل ٿي رهيا آهن،سنڌ جي گورنر چيو ته پي ٽي آءِ ميمبرن کي اسيمبلي مان مراعات ملنديون آهن، پر جڏهن قومي سلامتي جي معاملي تي اجلاس سڏايو ويو ته پي ٽي آءِ ان جو بائيڪاٽ ڪيو،هن چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجن آقائن کان ڊالر رکي رهي آهي. منهنجي پارٽي وٽ وزيراعظم به ناهي، پر توهان جو وزيراعظم آهي.










