اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف پريڪٽس پروسيجر ترميمي آرڊيننس کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو.پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر خان صدارتي آرڊيننس خلاف سپريم ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪري ڇڏي.بئريسٽر گوهر جي درخواست ۾ وفاق، قانون واري وزارت ۽ صدر جي سيڪريٽري کي ڌر بڻايو ويو آهي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته پريڪٽس پروسيجر صدارتي آرڊيننس کي غير آئيني قرار ڏنو وڃي ۽ آرڊيننس کانپوءِ پريڪٽس پروسيجر ڪميٽي جي سمورن فيصلن کي غير قانوني قرار ڏنو وڃي.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته آئيني درخواست جي ٻڌڻي تائين نئين جوڙيل پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي کي معطل ڪيو وڃي، آرڊيننس خلاف درخواست دوران پراڻي پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي کي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.










