پي ٽي آءِ پاران بک هڙتالي ڪئمپ ملتوي ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمر ايوب چيو آهي ته 13 آگسٽ تي شاگرد ۽ نوجوان پاڪستاني جهنڊا کڻي نڪرندا. 14 آگسٽ تي آئين ۽ جمهوريت بابت سيمينارڪوٺايا ويندا.بلاول ڀٽو مونجهاري جو شڪار آهي ۽ هر پاسي کان مزو وٺي رهيو آهي. هاڻي جڏهن بلاول ڀٽو حڪومت جي ناڪامي ڏسندي ٻڏتر جو شڪار ٿي ويو آهي. هن چيو ته اڄ بلاول جي اتحادي حڪومت طرفان بجلي 2 رپيا 64 پئسا مهانگي ڪئي وئي.ان دوران عمر ايوب پي ٽي آءِ جي علامتي بک هڙتال ڪيمپ ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته اسان علامتي بک هڙتال ڪيمپ ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو