پي ٽي آءِ طرفان ٽي ٽي پي سان ڳالهين تي زور

پي ٽي آءِ طرفان ٽي ٽي پي سان ڳالهين تي زور

پشاور: (ويب ڊيسڪ) ماضي جي ٻن ڏهاڪن ۾ ڪيترائي ڀيرا امن معاهدن جي ناڪامي جي باوجود پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) اڃان تائين پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان(ٽي ٽي پي) سان ڳالهين جي حمايت ڪري رهي آهي.صوبائي ڪابينه اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ ڪنهن به آپريشن جي اجازت نه ڏني ويندي، فوجي ڪارروايون ڪنهن به مسئلي جو حل نه آهن. هن چيو ته امن بند ڪمرن ۾ ڪيل فيصلن سان قائم نٿو ٿي سگهي. امن جرگي به آپريشن کي رد ڪري ڇڏيو هو.هن چيو ته صوبي ۾ آپريشن جون تياريون ڪيون پيون وڃن پر ڪوبه ماڻهو يا ادارو زور زبردستي پنهنجو فيصلو خيبرپختونخواهه جي عوام تي مڙهي نٿو سگهي.پاڪستان ٽي ٽي پي ۽ انهي سان جڙيل عسڪريت پسند گروپن سان ڪيترائي امن معاهدا ڪيا پر انهن مان ڪوبه پائيدار امن قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو. اهڙن معاهدن جي ناڪام ٿيڻ کان پوءِ رياست کي مختلف علائقن ۾ وڏي پيماني تي فوجي ڪارروايون ڪرڻيون پيون.ماضي ۾ پاڪستاني اختيارين عسڪريت پسند اڳواڻن نيڪ محمد، بيت الله محسود، حافظ گل بهادر، صوفي محمد، مولانا فضل الله، فقير محمد ۽ منگل باغ سان امن معاهدا ڪيا پر اهي معاهدا ڪجهه مهينن کان وڌيڪ برقرار نه رهي سگهيا.پهريون امن معاهدو اپريل 2004 ۾ ڏکڻ وزيرستان جي علائقي شڪني ۾ نيڪ محمد وزير سان ٿيو اهو معاهدو مارچ 2004 ۾ شروع ٿيندڙ فوجي آپريشن کان پوءِ طئي ٿيو جنهن جو مقصد نيڪ محمد تي پرڏيهي ويڙهاڪن سان لاڳاپا ختم ڪرڻ جو دٻاءُ وجهڻ هو.معاهدي جي تحت حڪومت قيدي آزاد ڪيا ۽ ملڪيت جي نقصان جو معاوضو ادا ڪيو، جڏهن ته نيڪ محمد پرڏيهي ويڙهاڪن جي رجسٽريشن ۽ سرحد پار حملا روڪڻ جو واعدو ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو