لاهور )ويب ڊيسڪ)لاهور جي بينڪنگ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر چوڌري پرويز الاهي جي گرفتاري کانپوءِ ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي آهي.عدالت پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي 5 لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.بينڪنگ ڪورٽ جي جج اسلم گوندل فيصلو ٻڌائيندي چيو ته ايف آءِ اي عدم تعاون وارو رويو اختيار ڪيو آهي، ايف آءِ اي عدالتي حڪم باوجود رڪارڊ پيش ناهي ڪيو.
