اسلام آباد(بيورو رپورٽ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت پارليامينٽ هائوس مان گرفتار تحريڪ انصاف جي ميمبرن جي ضمانت منظور ڪندي کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ابوالحسنات محمد ذوالقرنين پي ٽي آءِ ايم اين اي خلاف سنگجاني ٿاڻي ۾ داخل ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران عدالت پراسيڪيوٽر کان پڇاڻو ڪيو ته شير افضل مروت، احمد چشتي ۽ ٻين ايم اين ايز وٽان ڇا هٿ آيو آهي؟ پراسيڪيوٽر راجا نويد چيو ته ڪجهه به هٿ نه آيو آهي.بعد ۾ عدالت پي ٽي آءِ جي سمورن ايم اين ايز جي 30 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪندي کين فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.










