لاهور (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي جي 8 ڪيسن ۾ عمران خان جي ضمانت خارج ڪرڻ جو حڪم ٻڌائي ڇڏيو. دهشتگردي ٽوڙ عدالت لاهور جي ايڊمن جج منظر علي گل 9 مئي جي 8 ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ باني جي ضمانت جي درخواست تي محفوظ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت سڀني 8 ڪيسن ۾ عمران خان جون ضمانتون خارج ڪرڻ جو حڪم ٻڌايو. ان کان اڳ پراسيڪيوشن ۽ جوابدار جي وڪيل ضمانتن تي دليل مڪمل ڪيا.










