اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن جو لوگو جاري ڪري ڇڏيو آهي.وفاقي راڄڌاني ۾ 31 ڊسمبر تي ٿيندڙ بلدياتي چونڊن لاءِ تحريڪ انصاف جي لوگو جو بنيادي موضوع ”بدلو اسلام آباد، ڪپتان جو سنگ“ آهي.پي ٽي آءِ جو لوگو سائي ۽ ڳاڙهي رنگن جي ميلاپ سان ٺهيل آهي ۽ فيصل مسجد کي عمران خان جي تصوير سان گڏ ماڻهن جي وچ ۾ ڏيکاريل آهي.










