ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جي شروعات تي انڊيڪس بلند ترين سطح تي پهچي ويو.سومر تي ڪاروباري هفتي جو پهريون ڏينهن اسٽاڪ ايڪسچينج لاءِ مثبت ڏينهن هو ۽ 100 انڊيڪس 724 پوائنٽس وڌي 59,811 تي بند ٿيو، جيڪو 27 نومبر 2023 تائين انڊيڪس جي بلند ترين بندش آهي.اڱاري ڏينهن به پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جي مثبت شروعات ٿي ۽ انڊيڪس ۾ اضافو ڏٺو ويو. واپاري سيشن دوران 100 انڊيڪس 822 پوائنٽس وڌيو، انڊيڪس 60633 تي پهچي ويو.










