اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نگران سڌ سماءَ واري وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پي آءِ اي جا مسئلا مختلف حڪومتن جا آهن، اهي مسئلا هڪ ڏينهن جا نه آهن، پي آءِ اي نجڪاري جي لسٽ ۾ شامل آهي.سينيٽ جو اجلاس چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران نگران اطلاعات واري وزير ايوان ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته گذريل حڪومت نجڪاري جو منصوبو ڏنو جنهن تي نگران حڪومت عمل ڪري رهي آهي.مرتضيٰ سولنگي چيو ته دنيا ۾ حڪومتون ڪاروبار نه ڪنديون آهن، ايئر لائنز ۽ ريلوي نه هلنديون آهن.هن وڌيڪ چيو ته سول ايوي ايشن وارو وزير ايندڙ اجلاس ۾ اچي وضاحت ڪري ته نقصان ڪيئن ٿي رهيو آهي.پي آءِ اي ۽ پي ايس او بابت ڳالهائيندي مرتضيٰ سولنگي وڌيڪ چيو ته پي ايس او هڪ خودمختيار ادارو آهي، پي آءِ اي کي تيل ڪيئن ڏئي.
