اسلام آباد (بيورو رپورٽ)حڪومت پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.حڪومت ڊيزل جي قيمت ۾ 10.39 رپيا في ليٽر ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ 8.36 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي آهي.قيمت ۾ واڌ کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 266.79 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت 272.98 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ فوري طور تي لاڳو ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب پيٽروليم شين جي نئين قيمتن تي 2.50 پئسا ڪاربن ليوي لاڳو ڪئي وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽرول تي ليوي گهٽائي 75.52 رپيا في ليٽر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي ليوي 74.51 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.










