پيٽرول 36 ۽ ڊيزل 19 رپيا في ليٽر سستو ٿيڻ جو امڪان

لاهور(ويب ڊيسڪ) آچر تي پيٽرول جي قيمت ۾ 36 روپيا في ليٽر جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 19 روپيا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي.پيٽرول جو اگهه 36 رپيا 206 رپيا في ليٽر گهٽجي ويو آهي، جڏهن ته ڊيزل جو اگهه به 19 رپيا 233 رپيا گهٽجي ويو آهي.عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ 10 ڊالرن جي گهٽتائي سان 104 ڊالر في بيرل جڏهن ته ڊيزل جي قيمت 8 ڊالر گهٽتائي سان 118 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي.معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ مسلسل بهتري سبب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي پر حتمي فيصلو نگران حڪومت 15 آڪٽوبر تي ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو