پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون برقرار، گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل سستو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون برقرار رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.پهرين نومبر کان پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ ڪا به تبديلي نه ٿيندي ۽ ايندڙ 15 ڏينهن تائين پيٽرول ۽ ڊيزل جي موجوده قيمت برقرار رهندي. پيٽرول جي قيمت 283 رپيا 38 پئسا في ليٽر ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 303 رپيا 18 پئسا في ليٽر برقرار رهندي. ناڻي واري وزارت پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون برقرار رکڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن موجب گاسليٽ جي قيمت ۾ 3 رپيا 82 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ نئين قيمت 211 رپيا 3 پئسا في ليٽر ٿي ويندي. لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 3 رپيا 40 پئسا في ليٽر گهٽتائي کانپوءِ لائيٽ ڊيزل آئل جي نئين قيمت 189 رپيا 46 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو