پيٽرول جي قيمت ۾ 5 رپيا في ليٽر کان وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هلندڙ مهيني جنوري جي ٻئي هفتي ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿيڻ سان پاڪستانين کي راحت جو ساهه ملندو.16 جنوري 2024ع کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو قوی امڪان آهي، پيٽرول جي اگهه ۾ 5 رپيا 32 پئسا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ ڪا به گهٽتائي جو امڪان ناهي.هڪ سينيئر سرڪاري آفيسر جو چوڻ آهي ته پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو هڪ سبب ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي قدر ۾ استحڪام آهي. گاسليٽ جي قيمت ۾ 3 رپيا 29 پئسا ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 1.75 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي.ڄاڻايل آفيسر اهو به چيو ته حڪومت جو ڊيزل جي قيمت ۾ گهٽتائي جو ڪو به ارادو ناهي. گهٽتائي کانپوءِ پيٽرول جو اگهه 276.21 رپيا في ليٽر مان گهٽجي 267.34 رپيا ٿي ويندو. اهڙي ريت گاسليٽ جو اگهه 188.83 مان گهٽجي 185.54 رپيا في ليٽر ٿي ويندو، جڏهن ته لائيٽ ڊيزل جي قيمت 165.75 کان گهٽجي 164 رپيا في ليٽر ٿي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو