اسلام آباد (بيورو رپورٽ)حڪومت ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ناڻي واري وفاقي وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 40 رپيا 40 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 283 رپيا 83 پئسا في ليٽر ٿي ويندي.هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ 15 رپيا 15 پئسا گهٽتائي کانپوءِ نئين قيمت 303 رپيا 18 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.نيون قيمتون اڄ رات 12 وڳي کان لاڳو ٿينديون.
