پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 2 رپيا 19 پئسا في ليٽر گهٽتائي جو اعلان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تبديلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تبديلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون ايندڙ 15 ڏينهن تائين برقرار رهنديون.نوٽيفڪيشن موجب پهرين جنوري کان پيٽرول جي قيمت 267 رپيا 34 پيسا في ليٽر تي برقرار آهي، ڊيزل جي قيمت به 276 رپيا 21 پيسا تي برقرار رهندي.گاسليٽ جي قيمت ۾ 2 رپيا 19 پئسا في ليٽر گهٽتائي جي منظوري ڏني وئي آهي.ان کان علاوه لائٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ هڪ رپيو 11 پئسا واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو