پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو امڪان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نئين سال جي شروعات تي ايندڙ 15 ڏينهن تائين پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي.ميڊيا رپورٽن موجب پهرين جنوري کان ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽرول جي قيمتن ۾ ڪجهه گهٽتائي جو امڪان آهي، جنهن ۾ پيٽرول هڪ رپيو 72 پئسا سستو ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ رپيا في ليٽر هڪ رپيو 72 پئسا مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي. اوگرا جي تجويز ڪيل سمري تي ناڻي واري وزارت نگران وزيراعظم سان مشاورت کانپوءِ فيصلو ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو