ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صدر آصف علي زرداري هدايت ڪئي آهي ته معاشي پاليسين ۾ عوامي رليف کي ترجيح ڏني وڃي.گهرو وزير محسن نقوي، ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ۽ ٻين وزيرن آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي جنهن دوران امن امان ۽ معاشي صورتحال تي بحث ڪيو ويو.ان موقعي تي صدر زرداري چيو ته معاشي پاليسين ۾ عوامي رليف کي ترجيح ڏني وڃي ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن جو بار گهٽ ۾ گهٽ رکيو وڃي ته جيئن عام ماڻهو کي سهولت فراهم ڪري سگهجي.










