پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو امڪان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عالمي منڊي ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واضع گهٽتائي ٿيڻ کانپوءِ ملڪ اندر هلندڙ مهيني جي وچ ۾ پيٽرول توڙي ڊيزل جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿيڻ جو امڪان آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته هلندڙ مهيني جي 16 ڊسمبر تي پيٽرول جي قيمت ۾ 13 روپيا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 15 روپين جي گهٽتائي ٿيڻ جو امڪان آهي ڇاڪاڻ ته عالمي منڊي ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ 5 ڏهائي 49 ڊالر في بيرل تي گهٽ ٿيو آهي.عالمي منڊي ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي کانپوءِ ملڪ اندر به تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جا امڪان آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو