اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پهرين نومبر کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر گهٽتائي جو امڪان آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمت ۾ 5 ڊالر في بيرل گهٽتائي ٿي آهي، جنهن سبب پاڪستان ۾ پهرين نومبر کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي جو امڪان آهي.ايندڙ مهيني پيٽرول جي قيمت ۾ 15 کان 20 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ به 10 کان 16 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي. ذريعن موجب پهرين نومبر کان لائيٽ ڊيزل تيل ۽ گاسليٽ به سستو ٿيندو ۽ ان حوالي سان اوگرا پيٽروليم شين جي قيمتن جو ابتدائي مسودو تيار ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي حتمي سمري 31 آڪٽوبر تي پيٽروليم ڊويزن کي موڪلي ويندي. پيٽروليم واري وزارت ۽ ناڻي واري وزارت طرفان سمري متبادل طور وزيراعظم ڏانهن موڪلي ويندي، جنهن کانپوءِ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ قيمتن جو حتمي فيصلو ڪندو
نوٽ هي خبر روزاني جنگ ۾ لڳل آهي،خبر صرف پڙهندڙن آگاهي ڏيڻ لڳائي وئي آهي