پيٽروليم شين جي اسٽريٽجڪ ذخيرن ۾ واڌ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نگران حڪومت پيٽروليم شين جا اسٽريٽجڪ ذخيرا وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن موجب حڪومت پيٽروليم شين جي اسٽريٽجڪ ذخيرن ۾ واڌ جو فيصلو وچ اوڀر جي صورتحال سبب ڪيو. ذريعن موجب پاڪستان پيٽروليم شين جي درآمد ڪندو آهي پر اسٽوريج جي گنجائش وڌائڻ جي اشد ضرورت آهي، پي ايس او وٽ پيٽروليم مصنوعات جا اسٽريٽجڪ ذخيرا هوندا.ذريعن جو چوڻ آهي ته هن وقت ملڪ ۾ پيٽروليم ڪمپنين کي 21 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جو ذخيرو ڪرڻو آهي، حڪومت چاهي ٿي ته اسٽريٽجڪ پيٽروليم جا ذخيرا گهٽ ۾ گهٽ 3 مهينن لاءِ هجن.پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ملڪي ضرورتن جو محتاط جائزو وٺڻ کانپوءِ ئي حتمي ذخيرن ۽ مدي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، جنهن لاءِ حڪومت فريم ورڪ تيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) فوري طور تي عالمي ماهرن جي مدد سان اسٽريٽجڪ پيٽروليم ذخيرن بابت نئون فريم ورڪ تيار ڪندي، نئين فريم ورڪ ۾ ملڪي خام تيل، ريفائنڊ پيٽروليم جي گهرج ۽ ذخيري جو تعين ڪيو ويندو. فريم ورڪ پڻ مختلف شين جي اسٽريٽجڪ پيٽروليم ذخيرن جي مدت جو تعين ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو