غوثپور (عبدالنبي ملڪ)ڪچو ڪيٽي ٿاڻي ڀرسان ڳوٺ رئيس محمد حيات واري علائقي ۾ پوليس کي رات دير سان ڳجھو اطلاع مليو ته ٽن موٽر سائيڪلن تي سوار 6 ھٿياربند ڏوھ جي ارادي سان نڪري آيا آھن. اھڙي اطلاع بعد مختلف ٿاڻن جي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي علائقي کي ڪڙو چاڙھي سرچ آپريشن ڪيو ته ڏوھارين پوليس کي ڏسي مٿن جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪئي. ٻنھي ڌرين جي فائرنگ ۾ علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو ۽ ماڻھو ڊپ سبب گھرن ۾ لڪي ويا. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ھڪ ڏوھاري فياض عرف فجو سخت زخمي ٿي پيو .پوليس کيس ھٿيارن سميت زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري کيس موبائيل ۾ سخت سيڪيورٽي ساڻ ڪنڌڪوٽ جي سول اسپتال کڻائي ويئي پر زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾فوت ٿي ويو .علائقي ۾ چئوٻول آھي ته گرفتار ڏوھاري علائقي جي بدنام ۽ انعام يافته ڏوھاري نواب جاگيراڻي جو وڏو پٽ فياض جاگيراڻي عرف فجو آهي. پوليس ھن واقعي جي تصديق ڪندي چيو ته فائرنگ ۾ ٻھ ڏوھاري ٻيا به زخمي ٿيا آھن جن کي سندن ساٿي زخمي حالت ۾ ڀڄائي ڪچي طرف فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.










