لاڙڪاڻو (ن س) لاڙڪاڻو ۾ پوليس مقابلي دوران 50 لک روپيه انعام يافته خطرناڪ ڏوهاري ۽ بين الصوبائي منشيات ڊيلر مارجي ويو آهي۔
ايس ايس پي لاڙڪاڻو موجب مقابلو وليد ٿاڻي جي حد عرب پير واري علائقي ۾ حساس اداري جي سهڪار سان ٿيو، پوليس موجب ٻنهي طرفن کان فائرنگ دوران ڏوهاري پنهنجن ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويو، جڏهن ته سندس سڃاڻپ واحد بخش عرف سونو ابڙو طور ٿي آهي.
ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهاري 30 کان وڌيڪ سنگين ڪيسن ۾ گهربل هو، جن ۾ منشيات فروشي، دهشتگردي ايڪٽ، ڦر ۽ پوليس مقابلن جا ڪيس شامل آهن۔ هو شهيد ڪانسٽيبل زوار مشتاق احمد تنيو جي شهادت واري ڪيس ۾ به مرڪزي ڪردار هو۔ پوليس مارجي ويل ڏوهاري وٽان هٿيار قبضي ۾ وٺي ڇڏيا آهن، جڏهن ته فرار ٿيل ساٿين جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي۔










