لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي وڏي وزير فياض الحسن چوهاڻ جي ترجمان ڪيپٽن فهد سميت 5 شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته پوري قوم شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. هڪ بيان ۾ فياض الحسن چوهاڻ چيو ته قوم دشمن جي ناپاڪ عزائم کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي، دشمن بزدلاڻن ڪاررواين سان ملڪ جي امن ۽ خوشحالي کي تباهه نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته قوم دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين متحد آهي، قوم جون سموريون همدرديون شهيدن جي خاندانن سان گڏ آهن.فياض چوهاڻ جو چوڻ آهي ته جڏهن کان امپورٽڊ حڪومت آئي آهي ملڪ ۾ دهشتگردي عروج تي آهي، جن جو مقصد رڳو پنهنجو پئسو بچائڻ آهي، انهن کي ملڪ جو ڪهڙو فڪر هوندو.پنجاب جي وڏي وزير جي ترجمان جو اهو به چوڻ هو ته اڄ کان 8 مهينا اڳ اسان جي دور حڪومت ۾ مڪمل امن امان هو.










