پهرين ون ڊي،نيوزيلينڊ وومينز ٽيم هٿان پاڪستان کي شڪست

ڪوئنسٽائون(ويب ڊيسڪ)نيوزيلينڊ وومين ٽيم ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان وومين ٽيم کي 131 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.ڪوئنسٽائون ۾ کيڏيل ميچ ۾ نيوزيلينڊ پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 365 رنسون ٺاهيون.جواب ۾ پاڪستان وومين ٽيم 49.5 اوورن ۾ 234 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي.پاڪستان جي سدرا امين ميچ ۾ سينچري اسڪور ڪئي جيڪا سندس ڪيريئر جي چوٿين ون ڊي سينچري هئي.نيوزيلينڊ جي سوزي بيٽس کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.ان ميچ ۾ ڪپتان ندا ڊار بالنگ دوران بال لڳڻ ڪري منهن تي ڪري پيو، جنهن کانپوءِ هوءَ زخمي ٿي پئي، ندا ڊار نيوزيلينڊ جي بيٽسمين جي شاٽ جو نشانو بڻجي وئي.ان کان علاوه فاسٽ بالر ڊيانا بيگ به انٽري جو شڪار ٿي وئي، ڊيانا پريڪٽس سيشن دوران انٽري جو شڪار ٿي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) موجب ڊيانا کي زخمي ٿيڻ بعد ٽيسٽن لاءِ مقامي اسپتال نيو ويو.هن جي آڱر ۾ فريڪچر ٿيو، زخم سبب فاسٽ بالر نيوزيلينڊ وومين خلاف ون ڊي سيريز مان ٻاهر ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو