پنهنجي ٽڪيٽ ۽ هوٽل جا بل پاڻ ادا ڪندو آهيان: بلاول

پنهنجي ٽڪيٽ ۽ هوٽل جا بل پاڻ ادا ڪندو آهيان: بلاول

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هو پاڪستان جو پهريون پرڏيهي وزير آهي جيڪو پنهنجي هوٽل جو بل پاڻ ادا ڪندو آهي.پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي جنهن پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چئي رهيو آهي ته هو پنهنجي پرڏيهي دورن جي خرچن جو بار قومي خزاني تي ناهي وجهندو ۽ جيڪڏهن ائين ڪري ته اِهو پرڏيهي وزير طور سندس حق آهي.هن چيو ته منهنجن پرڏيهي دورن جو فائدو مهنجي ذات کي نه پر پاڪستان جي عوا م کي ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو