ميلبورين (ويب ڊيسڪ)نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ڪين وليمسن چيو آهي ته مان پنهنجي ٽارگيٽ تان ڀڄڻ نٿو چاهيان، منهنجو ٽارگيٽ ورلڊ ڪپ کيڏڻ آهي، مان نٿو چاهيان ته ڪجهه ٿئي ته هڪ قدم پوئتي هٽي وڃان.ڪين وليمسن جو چوڻ آهي ته زخمي ٿيڻ کانپوءِ ٻيهر ايڪشن ۾ اچڻ چاهيو ٿا جنهن لاءِ فٽنيس جي ضرورت آهي، ڪين وليمسن جو چوڻ آهي ته ڪرڪيٽ ۾ واپسي منهنجي لاءِ وڏي خبر آهي.هن جو چوڻ آهي ته توهان ورلڊ ڪپ جو حصو بڻجڻ لاءِ پراميد آهيو، منهنجو ڌيان هاڻي روزاني ريهاب پروگرام تي آهي، نيٽ تي بيٽنگ ڪريان ٿو پر 100 سيڪڙو رنسون نه پر بهتر ٿي رهيو آهيان.
