لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ڪوهيڙي جو راج رهيو، ڪيترن ئي هنڌن تي موٽر وي بند ڪيا ويا.لاهور-سيالڪوٽ موٽر وي ايم 11 سخت ڪوهيڙي سبب بند ڪيو ويو، موٽر وي ايم 2 لاهور کان هرن مينار تائين بند ڪيو ويو، قومي شاهراهن تي به حد نظر گهٽجي وئي، ڊرائيورن کي مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پيو.موٽر وي پوليس جي ترجمان موجب، موٽر ويز کي بند ڪرڻ جو مقصد عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ آهي، ڪوهيڙي ۾ لين جي ڀڃڪڙي خطرناڪ حادثن جو سبب بڻجي سگهي ٿي، روڊ استعمال ڪندڙن کي لين جي نظم و ضبط تي سختي سان عمل ڪرڻ گهرجي.ترجمان وڌيڪ چيو ته شهري ڏينهن ۾ سفر ڪرڻ کي ترجيح ڏين، ڪوهيڙي ۾ محفوظ سفر جو وقت صبح 10 وڳي کان شام 6 وڳي تائين آهي، ڊرائيورن کي فوگ لائيٽ استعمال ڪرڻ گهرجي ۽ غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته تيز رفتاري نه ڪريو، سامهون واري گاڏي کان محفوظ فاصلو رکو، رهنمائي ۽ مدد لاءِ هيلپ لائن 130 تي رابطو ڪريو.










