پنجاب ۾ مفت ميت منتقلي سروس شروع ڪرڻ جو فيصلو

پنجاب ۾ مفت ميت منتقلي سروس شروع ڪرڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب ۾ پهريون ڀيرو مفت لاش منتقلي سروس شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس ٿيو جنهن ۾ لاش کي اسپتال کان گهر تائين پهچائڻ لاءِ مفت ايمبولينس سروس جي منظوري ڏني وئي.مريم نواز وڏين سرڪاري اسپتالن ۽ هر تعلقي ۾ سرڪاري گاڏي سروس شروع ڪرڻ جو منصوبو طلب ڪيو.اسپتال کان گهر تائين لاش پهچائڻ لاءِ پنجاب جي هر تعلقي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 1 وين موجود هوندي. فوت ٿيل جو خاندان 1122 تي ڪال ڪري يا اسپتال جي ڪائونٽر تان مفت وين سروس وٺي سگهندو.لاش منتقلي سروس کي سمارٽ مئنيجمينٽ سسٽم ذريعي مانيٽر ڪيو ويندو، ۽ اسپتال کان ٻئي شهر ۾ لاش منتقل ڪرڻ جي سهولت پڻ مفت فراهم ڪئي ويندي.اجلاس ۾ خانگي ايمبولينس سروس کي باقاعده ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، جڏهن ته خانگي ايمبولينس سروسز جي شرح مقرر ڪرڻ جي تجويز جو پڻ جائزو ورتو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو