پنجاب ۾ غير آئيني قدم کنيا ويا ته گورنر راڄ لڳائي سگهون ٿا: راڻا ثناءُالله

پنجاب ۾ غير آئيني قدم کنيا ويا ته گورنر راڄ لڳائي سگهون ٿا: راڻا ثناءُالله

لاهور (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ غير آئيني قدم کنيا ته حڪومت گورنر راڄ لڳائي سگهي ٿي. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهين دوران گهرو وزي راڻا ثناءُالله جنيوا ڪانفرنس تي ڳالهيون ڪندي چيو ته دنيا شهباز شريف جي اپيل تي پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي. پاڪستان جون اميدون پوريون ٿيون ۽ دنيا اميد کان وڌيڪ مدد ڪئي.هن چيو ته هينئر تائين 11 ارب ڊالرن جي مدد ٿي چڪي آهي جنهن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، دنيا جي مدد پاڪستان ۽ اتحادي حڪومت تي اعتماد جو اظهار آهي، اهو اعتماد انهن جي منهن تي چامٽ آهي جيڪي چوندا هئا ته پاڪستان ڊيفالٽ ٿي ويندو.وفاقي گهرو وزير ٻڌايو ته اها امداد آهي قرض نه آهي، اها امداد عمران خان جي ڪيل تباهي مان ملڪ کي ڪڍڻ ۾ مدد ڪندي. جنهن سان ڊالر سستو ٿيندو، مهانگائي گهٽ ٿيندي ۽ عوام جي ناراضگي ختم ٿيندي.راڻا ثناءُالله پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪندي چيو ته عمراني ٽولي ملڪ جي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو. پرويز الاهي به ان وقت کان مڙهيل آهي، 2 کان 3 مهينن دوران پنجاب کي اهڙي طرح ڦريو ويو جنهن جو مثال نٿو ملي. ڦر مار ۾ عمراني ٽولو، پرويز الاهي ۽ سندس پوئيواري ڪندڙ شامل آهن.راڻا ثناءُالله پرويز الاهي ۽ عمران خان کي ڊالر مهانگو ٿيڻ جو ذميوار قرار ڏيندي چيو ته هنن ماڻهن ڊالر خريد ڪري پرڏيهه اماڻيو. ڊالر مهانگو ٿيڻ جا ذميوار اهي آهن. هنن مني لانڊرنگ ڪئي. مهانگائي جا ذميوار به اهي آهن. مونس الاهي واپس اچي ڳالهين جو جواب ڏئي.پنجاب اسيمبلي جي صورتحال تي ڳالهيون ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته ڪالهوڪي اجلاس ۾ چورن جو مڪروهه چهرو عوام جي سامهون اچي ويو. اسان ڪڏهن ناهي چيو ته اسان جا نمبر 186 آهن اسان جا نمبر 179 آهن، اسيمبلي اچڻ کان روڪڻ غير آئيني ۽ غيرقانوني قدم هوندو. هنن کي اعتماد جو ووٽ هر قيمت تي وٺڻو پوندو. غير قانوني عمل ڪندا ته پاڻ ئي خساري ۾ رهندا.گهرو وزير چيو ته پي ٽي آءِ وٽ نمبر پورا ناهن. اهڙي صورتحال ۾ گورنر راڄ به لڳائي سگهون ٿا. عمران خان چوندو آهي ته چونڊون ڪرايون، هن کي صرف چونڊون ياد آهن. عمران خان جيڪڏهن چونڊن ۾ ڪامياب ٿي ويو ته ملڪ ۾ وڏي تباهي ٿيندي. هي ساڳيون انتقامي ڪارروايون شروع ڪندو جيڪي هن ساڍا چار سال اڳ ڪيون هيون. جيڪڏهن چونڊن ۾ هي ناڪام ٿي ويو ته ان جا نتيجا به نه مڃيندو. هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪ ۾ معاشي استحڪام پيدا ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو