لاهور(ويب ڊيسڪ)ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) پنجاب جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪندي پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي جي ڪمانڊر سميت 5 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو.سي ٽي ڊي ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪپتن مان پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان جي ڪمانڊر کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته راولپنڊي، بهاولپور ۽ ساهيوال مان 4 مبينا دهشتگردن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.سي ٽي ڊي ترجمان جو اهو به چوڻ هو ته مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان ڌماڪيدار مادو، 5 ڊيٽونيٽرز، 2 دستي بم ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.
