لاهور(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پارٽي اڳواڻن کي اهم ٽاسڪ ڏئي ڇڏيا.ذريعن موجب عمران خان پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر سبطين خان، عثمان بوزدار، اسلم اقبال، محمود الرشيد ۽ عباس علمدار کي اهم ذميواريون سونپيون آهن.عمران خان پارٽي اڳواڻن کي 11 جنوري کان اڳ اعتماد جو ووٽ وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي، جنهن لاءِ پارٽي اڳواڻن کي اسيمبلي ميمبرن سان رابطي جو عمل جلد مڪمل ڪرڻ گهرجي، اعتماد جي ووٽ کانپوءِ ايندڙ قدمن تي پارٽي جي فيصلي تي عمل ڪيو ويندو. عمران خان چيو ته 9 جنوري جي اسيمبلي اجلاس ۾ ميمبرن سان رابطي جو عمل مڪمل ڪيو وڃي.پي ٽي آءِ ذريعن موجب في الحال 3 ميمبر اعتماد جي ووٽ ۾ پيش نه ٿيندا، 3 ميمبر پارٽي پاليسي جي خلاف وڃڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب هن وقت پي ٽي آءِ ۽ (ق) ليگ کي 187 ميمبرن جي حمايت حاصل آهي.










