پنجاب اسيمبلي ميمبرن کي غيرحاضر رهڻ ۽ پارٽي ٽڪيٽن جي آڇ

پنجاب اسيمبلي ميمبرن کي غيرحاضر رهڻ ۽ پارٽي ٽڪيٽن جي آڇ

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ پنجاب جي وڏي وزي پرويز الاهي جي اعتماد جي ووٽ واري معاملي تي مسلم ليگ قائد اعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبرن کي ٽوڙڻ لاءِ بيڪ ڊور رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن.ذريعن موجب پردي پٺيان رابطن ۾ اعتماد جو ووٽ وٺڻ واري ڏينهن ميمبرن کي غير حاضر رهڻ لاءِ مختلف ترغيبون ڏنيون پيون وڃن.ذريعن جو چوڻ آهي ته اسيمبلي ميمبرن کي غير حاضري رهڻ جي صورت ۾ مستقبل ۾ پارٽي ٽڪيٽ ڏيڻ جي آڇ پڻ ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب پي ڊي ايم طرفان عورتن ۽ اقليتي ميمبرن تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي.ٻئي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو به ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ لاهور ۾ ديرا ڄمائڻ جو امڪان آهي، هو پنجاب جي وڏ وزارت حاصل ڪرڻ لاءِ وفاقي وزيرن جي مدد ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو