پشين(ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي پشين ۾ ڌماڪو ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ٻارڙا مارجي ويا جڏهن ته 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پوليس موجب پشين بازار ۾ ڌماڪي ۾ 5 پوليس اهلڪار پڻ زخمي ٿي پيا. پوليس ۽ امدادي ادارن واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب زخمين مان ڪجهه جي حالت نازڪ آهي، فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي. پشين اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر وڪيل شيراني موجب ڌماڪي جي 13 زخمين کي ابتدائي طبي امداد بعد ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو آهي، 1 زخمي ۽ 2 ٻارڙن جا لاش پشين اسپتال ۾ آهن. ڌماڪي ۾ ڪيترين ئي گاڏين کي به نقصان پهتو آهي، فوري طور تي ڌماڪي جي نوعيت معلوم نه ٿي سگهي آهي. بلوچستان حڪومت جي ترجمان ۽ سنڌ جي وڏي وزير ڌار ڌار جاري ڪيل بيانن ۾ بم ڌماڪي جي مذمت ڪندي متاثرين جي پوئنرن سان دلي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.










