پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل، پي ٽي آءِ کي بيٽ نه ملي

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي اپيل منظور ڪندي پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪرڻ جو حڪم ٻڌايو آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس مسرت هلالي تي مشتمل 3 رڪني بينچ سوا يارهين وڳي فيصلو ٻڌايو. ڌرين جا وڪيل عدالت ۾ موجود هئا. عدالت ساڍي ستين وڳي محفوظ ڪيل فيصلو جيڪو ساڍي نائين ٻڌائڻ جو چيو هو ان ۾ ڪافي دير ٿي وئي جنهن تي چيف جسٽس معذرت به ڪئي. صبح 10 وڳي کان ٻڌڻي شروع ٿي هئي جيڪا وقفي وقفي سان ساڍي ستين تائين جاري رهي. هوڏانهن اليڪشن ڪميشن به چار ڀيرا چونڊ نشان الاٽ ڪرڻ جي مدت ۾ واڌ ڪندي رهي. پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي اميدوارن کي مختلف حلقن مان مختلف چونڊ نشان مليا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو