اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري روس کان سستو تيل وٺڻ جي ترديد ڪري ڇڏي.آمريڪي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ پرڏيهي وزير چيو ته هو روس کان رعايتي تيل وٺي رهيا آهن، ڪوشش نه ڪري رهيا آهن.تيل بابت بلاول ڀٽو جي انڪشاف حڪومتي وزيرن جي بيانن ۾ واضح تضاد سامهون اچي ويو، ڪجهه ڏينهن اڳ روس جي دوري تان واپسي تي پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو هو ته روس پاڪستان کي سستي اگهه تي خام تيل فراهم ڪندو. بلاول ڀٽو زرداري آءِ ايم ايف کي به چيو ته هو پنهنجي شرطن تي نظرثاني ڪري معيشت جي بحالي ۾ مدد ڪري.










