لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري تي صحيح ڪري ڇڏي.لاهور ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مرڪزي قيادت اسيمبلي کي فوري طور ٽوڙڻ جي راءِ ڏني.ملاقات کانپوءِ پنجاب جي وڏي وزير عمران خان سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ اسيمبلي ٽوڙڻ جو حتمي فيصلو ڪيو ويو.ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري تي وڏي وزير دستخط ڪري ڇڏيا آهن، پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ جو مشورو پنجاب جي گورنر کي موڪليو ويو آهي، جيڪڏهن گورنر اسيمبلي نه ٽوڙيندو ته هو اسيمبلي ٽوڙي ڇڏيندو. 48 ڪلاڪن ۾ اسيمبلي ٽوڙي ويندي.فواد چوڌري چيو ته مسلم ليگ ق، پرويز الاهي ۽ مونس الاهي جا شڪرگذار آهيون، نگران حڪومت جي قيام لاءِ مخالف ڌر جي اڳواڻ حمزا شهباز کي خط لکڻ وارو آهيان. هن چيو ته اهڙي طرح خيبرپختونخواهه اسيمبلي به ٽوڙي ڇڏينداسين، ٻنهي صوبن ۾ چونڊون ٿيڻيون آهن.فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت پنهنجي بل مان ٻاهر اچي، اسپيڪر کي به چيو پيو وڃي ته اسان جي استعيفيٰ قبول ڪئي وڃي.











