پاڻي جي لائينن ۾ موجود ليڪيجز کي ختم ڪرڻ جو فيصلو

پاڻي جي لائينن ۾ موجود ليڪيجز کي ختم ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر) واٽر ڪارپوريشن سڄي شهر ۾ پاڻي جي فراهمي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ هڪ ٻيو اهم قدم کڻندي پاڻي جي لائينن ۾ موجود ليڪيجز کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو اختيارين موجب غازي ڳوٺ ۾ 84 انچ ڊايا مين لائين جي مرمت جو ڪم اڄ خميس جي ڏينھن کان شروع ڪيو ويو آهي جيڪو ايندڙ 96 ڪلاڪن ۾ مڪمل ڪيو ويندو مرمتي ڪم 24 ڪلاڪ جاري رهندو تہ جيئن مقرر وقت تي ڪم مڪمل ٿي سگهي اختيارين جو چوڻ هو تہ ليڪيجز جو ڪم مڪمل ٿيڻ سان شهر جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي ۾ وڌيڪ بهتري ايندي جڏهن تہ ڪم جي سبب نيپا لياري جمشيد ٽائون جناح ٽائون صدر اولڊ سٽي ايريا پي آئي بي ڪالوني حيدرآباد ڪالوني لانڍي ڪورنگي ۽ ڊي ايڇ اي ۾ پاڻي جي فراهمي جزوي طور تي معطل رهندي اختيارين ٻڌايو تہ شهر کي روزانو 650 ايم جي ڊي پاڻي فراهم ڪيو ويندو آهي مرمتي ڪم سبب شهر کي روزانو 200 ايم جي ڊي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو جڏهن تہ شهر کي 450 ايم جي ڊي پاڻي جي فراهمي معمول موجب جاري رهندي اختيارين شهرين کي درخواست ڪندي چيو تہ اھي پاڻي جو ذخيرو ڪن ۽ ان کي احتياط سان استعمال ڪن تہ جيئن ڪنھن بہ پريشاني کان بچي سگھجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو