پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي 75 سال مڪمل، يادگاري سڪو جاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاڪستان ۽ آمريڪا جي سفارتي لاڳاپن کي 75 سال مڪمل ٿيڻ تي 75 رپين جو يادگار سڪو جاري ڪري ڇڏيو آهي.اسلام آباد ۾ سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي هڪ يادگار سڪو جاري ڪيو ويو.تقريب ۾ گورنر اسٽيٽ بئنڪ جميل احمد سميت پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي ۽ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.ان موقعي تي پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته سڪي تي پاڪستان ۽ آمريڪا جا قومي نشان ٻنهي ملڪن جي جمهوري بنيادن کي اجاگر ڪن ٿا.هن چيو ته هي سڪو پاڪستان ۽ آمريڪا جي ڊگهي مدي واري لاڳاپن جي استحڪام جي علامت هوندو.آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هي سڪو ٻنهي ملڪن جي روشن استحڪام جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو، يادگاري سڪو جاري ڪرڻ تي اسٽيٽ بئنڪ جا ٿورائتا آهيون.هن وڌيڪ چيو ته گرين الائنس جهڙن قدمن سان ملڪن کي گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي.اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد تقريب ۾ شرڪت تي پرڏيهي سيڪريٽري ۽ پاڪستان ۾ آمريڪي سفير جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته يادگاري سڪو جاري ڪرڻ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي اهميت کي ظاهر ڪري ٿو.پاڪستان ۽ آمريڪا جا مضبوط واپاري ۽ سماجي لاڳاپا آهن. ان جي جوڙجڪ ان افاديت کي نمايان ڪري ٿي ته ڪيئن آزاد قومون پنهنجي ماڻهن جي ترقيءَ لاءِ گڏجي ڪم ڪن ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو