فوجي جوانن تي فائرنگ، عرفان ۽ قمبر لغاري گرفتار

دادو(ن سنڌيار) ميھڙ ۾ مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ پاڪ فوج جي جوانن مٿان مبينه فائرنگ ۽ ھل ھنگامي بعد گذريل رات کان حراست ۾ ورتل اين اي 227 تي چونڊيل پ پ پ ايم اين اي عرفان لغاري، سندس ڀاءَ عمران لغاري ۽ چاچو سيتا ٽائون ڪاميٽي جو چيئرمين قمبر لغاري سميت 200 نامعلوم ماڻھن تي ميھڙ بي سيڪشن ٿاڻي تي دھشتگردي ائڪٽ هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته غلط فهمي سبب واقعو پيش آيو آهي.  نئين چونڊيل ايم اين اي عرفان لغاري ۽ سندس چاچو قمبر لغاري ۽ ٻيا حراست ۾ آهن ۽ اڳوڻو ايم اين اي عمران لغاري روپوش آهي. داخل ڪيل ڪيس ۾ دھشتگردي ائڪٽ جا قلم لڳايا ويا آھن ميھڙ جي بي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪيل ڪيس گناھ نمبر 50/2024 ڪيس ۾ فريادي ايس ايڇ او بي سيڪشن محمد انور لغاري موقف اختيار ڪيو آھي ته جوابدار عرفان ظفر لغاري، عمران ظفر لغاري ، قمبر لغاري سميت 200 ماڻھن جوابدارن پاڪ آرمي جي ڊگري ڪاليج واري ڪئمپ مٿان فائرنگ ڪري دھشتگردي ڪئي آھي. واضع رھي ته 10 ۽ 11 فيبروري جي وچ واري رات عرفان لغاري وارن کي اطلاع مليو ته لياقت جتوئي جا هٿياربند بيلٽ باڪس کڻي رهيا آهن پر حقيقت ان جي ابتڙ هئي، جنهن بعد هو تڪڙ ۾ غلط بلڊنگ ٻاهران گڏ ٿيا ۽ سندن حامين فائرنگ شروع ڪري ڏني. ذريعن جو چوڻ آهي ته بيلٽ باڪس ڀر واري بلڊنگ ۾ پيل هئا پر غلطي سان فوجي جوانن واري عمارت تي فائرنگ ڪئي وئي. فياض ٻٽ جيڪو بيلٽ باڪس واري بلڊنگ ۾ هو، اهو ڊوڙندو آيو ۽ عرفان لغاري وارن کي حقيقت ٻڌائي سندس حامين کي فائرنگ کان روڪيو ۽ منتشر ٿيڻ لاءِ چيو. ڪيس ۾ فياض ٻٽ نامزد ناهي ۽ نه ئي حراست ۾ آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته وائرل ٿيل ويڊيو ۾ 2 ڄڻا جن مان هڪ ملاح ۽ هڪ لغاري آهن، انهن کي پيش ڪرڻ لاءِ چيو آهي پر ٻئي اڃا پيش نه ڪيا ويا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته سندن پيش ٿيڻ بعد حراست ۾ ورتل عرفان ۽ قمبر خان کي سومر تي عدالت مان ضمانت ٿيڻ بعد آزاد ڪيو ويندو. ذريعن موجب پوليس ھن وقت تائين پ پ پ اڳواڻن جي گرفتاري ظاھر نہ ڪئي آھي ھوڏانھن ميھڙ ڊگري ڪاليج ٻاھران وڏي تعداد ۾ نفري کي مقرر ڪيو ويو آھي ۽ علائقي ۾ .سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آھن

پهنجو تبصرو موڪليو