پاڪ-آمريڪا تجارتي ڳالهين ۾ اڳڀرائي، ٽيڪنيڪل معاملن کي نبيرڻ تي اتفاق

پاڪ-آمريڪا تجارتي ڳالهين ۾ اڳڀرائي، ٽيڪنيڪل معاملن کي نبيرڻ تي اتفاق

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب آمريڪي تجارتي نمائندي جيميسن گريئر سان ورچوئل ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ-آمريڪا تجارتي ڳالهين ۾ ٿيندڙ اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو ۽ باقي معاملن کي تڪنيڪي سطح تي جلدي حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.ملاقات دوران ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ڳالهين ۾ ٿيندڙ اڳڀرائيءَ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته آمريڪا سان مضبوط تجارتي ۽ سيڙپڪاريءَ جي ڀائيواري پاڪستان جي اهم ترجيح آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ تجارتي تعاون پاڪستان جي برآمدات تي ٻڌل معاشي ترقيءَ جي حڪمتِ عمليءَ لاءِ انتهائي ئي اهم آهي. ٻنهي ڌرين ڳالهين جي رفتار قائم رکڻ، تڪنيڪي سطح تي ۽ تجارتي فريم ورڪ کي جلدي حتمي شكل ڏيڻ لاءِ ويجهو رابطو جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو.ناڻي واري وزير ان موقعي تي پاڪستان ۽ آمريڪي ايڪسپورٽ امپورٽ بينڪ وچ ۾ تعاون جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪ-آمريڪا اقتصادي تعاون سان ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري طبقن لاءِ وڌيڪ تجارتي ۽ سيڙپڪاريءَ جا موقعا پيدا ٿيندا.آمريڪي تجارتي نمائندي جيميسن گريئر ڳالهين ۾ پاڪستان جي مسلسل تعاون کي ساراهيندي ليبر ۽ ريگيوليٽري سڌارن ۾ اڳڀرائيءَ کي ساراهڻ جوڳو قرار ڏنو، هن ۽ جبري مزدوريءَ بابت قانونن تي اثرائتي عملدرآمد لاءِ پاڪستان جي قدمن جي به تعريف ڪئي. ملاقات ۾ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته پاڪستان ۽ آمريڪا پنهنجي پراڻي اقتصادي ڀائيواريءَ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ باهمي تجارت جي فروغ لاءِ تعاون جاري رکندو.

پهنجو تبصرو موڪليو