پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ وڏي گهٽتائي جو امڪان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي سبب پاڪستان ۾ به پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي.ذريعن موجب پاڪستان ۾ پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 15 نومبر کان 8 کان 10 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته گاسليٽ جي قيمت ۾ ساڍا 4 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي، جڏهن ته لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ به 16 رپيا 50 پئسا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي.اوگرا 15 نومبر تي پيٽروليم شين جي قيمتن بابت سمري پيٽروليم واري وزارت کي موڪليندو، جنهن تي نگران وزيراعظم سان مشاورت کانپوءِ حتمي فيصلو ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو